ٽيڪنالوجي جي هن دور ۾ جتي سموري دنيا ۾ اربين واهپيدار فيسبوڪ، ايڪس ( ٽوئيٽر ) سميت ٻين انيڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز استعمال ڪري رهيا آهن اتي آن لائين موجود ڪنهن شخص جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽس جو ڇا ٿيندو اِهو بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
ڪنهن به فوت ٿي ويل واهپيدار جا سوشل ميڊيا اڪائونٽَ ( فيسبوڪ وغيرا ) تيستائين ايڪٽيو يا فعال رهندا آهن جيستائين مرحوم جو ڪو مٽ مائيٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي سندس موت بابت آگاهه نٿو ڪري.
ڪجهه سوشل ميڊيا پليٽ فارمز اهڙا آهن جيڪي فوت ٿي ويل صارف جي ڪنهن ويجهي مائيٽ طرفان سندس موت جي تصديق کانپوءِ اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيندا آهن جڏهن ته ڪجهه سوشل ميڊيا پليٽ فارمز متبادل ذريعا اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏيندا آهن.
مثال طور جيڪڏهن فيسبوڪ ۽ انسٽاگرام استعمال ڪندڙ ڪو واهپيدار فوت ٿي وڃي ٿو ته ڪو ويجهو رشتيدار صارف جو ڊيٿ سرٽيفيڪيٽ پيش ڪري سگهي ٿو جنهن کانپوءِ اڪائونٽ يا ڊليٽ ڪيو ويندو آهي يا ميموريل پيج ( مري ويل جو يادگاري پيج ) ۾تبديل ڪيو ويندو.
ميموريل پيج تي پونيئر، رشتيدار يا دوست فوت ٿي ويل شخص بابت يادگار تصويرون ۽ لکڻيون پوسٽ ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪري ياد ڪري سگهن ٿا.
ميموريل اڪائونٽ تي مرحوم صارف جي نالي سان گڏ هڪ مخوص نشان ظاهر ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن فوت ٿي ويل صارف پنهنجي موت کان اڳ ڪنهن کي پنهنجو اڪائونٽ هلائڻ لاءِ ” جانشين “ قرار ناهي ڏنو ته ڪو به شخص ان ميموريل اڪائونٽ تي لاگ اِن نٿو ڪري سگهي.
فيسبوڪ تي موجود اهڙي ميموريل يا يادگار اڪائونٽن کي ٻين ماڻهن جي اڪائونٽن تي ” پيپل يو مي نو “ يعني اِهو شخص اوهان جو امڪاني دوست بڻجي سگهي ٿو، طور ظاهر ناهي ڪيو ويندو ۽ مرڻ واري شخص جي دوستن ڏانهن سندس سالگرهه جو نوٽيفڪيشن به ناهي ويندو.
ايڪس ( ٽوئيٽر ) پنهنجي واهپيدارن جي اڪائونٽن کي ميموريل يا يادگار اڪائونٽ بڻائڻ جو آپشن ناهي ڏيندو، هن پليٽ فارم تي اوهان جي موت يا بنا سبب اڪائونٽ استعمال نه ڪرڻ جي صورت ۾ اڪائونٽ غيرفعال ڪيو ويندو آهي.
ان معاملي ( موت جي صورت ) ۾ هر سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو پنهنجو طريقيڪار آهي، پر سموريون سوشل ميڊيا ڪمپنيون فوت ٿي ويل واهپيدارن جي پرائيويسي کي ترجيح ڏينديون آهن.
ان کانسواءِ نون سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جيئن ٽِڪ ٽاڪ ۽ سنيپ چيٽ تي ان سلسلي ۾ ڪو انتظام يا گائيڊ لائنز موجود نه آهي، يعني جيڪڏهن ڪو ٽِڪ ٽاڪ يا سنيپ چيٽ صارف فوت ٿي ويو ته سندس اڪائونٽ جو ڇا ٿيندو.
You might also like