جرمني: جنوني شخص گهر ۾ گهڙي پاڪستاني شهري کي قتل ڪري ڇڏيو

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني ۾ مقامي شخص گهر ۾ داخل ٿي ڪراچي سان واسطو رکندڙ محمد فهيم کي چاقو جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس گهرواري ۽ 13 ورهين جي ڌيءَ کي سخت زخمي ڪري وڌو.
جرمني جي ڏکڻ رياست بادن ورٽمنبرگ جي شهر اولم ۾ جنوني مقامي شهري پاڪستان ڄائي شهري جي گهر ۾ گهڙي چاقو سان حملا ڪيا.
حملي جي نتيجي ۾ 58 ورهين جو پاڪستان ڄائو فهيم الدين ٿڌي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس گهرواري ۽ 13 ورهين جي ڌيءَ زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب حملي وقت فهيم جون ٻه ڌيئرون لڪي ويون ۽ محفوظ رهيون.
پوليس اطلاع تي پهچي فائرنگ ڪري جوابدار کي ماري ڇڏيو، پوليس موجب قاتل ذهني مريض هو ۽ ڪجهه مهينا اڳ ئي علاج ڪرائي واپس آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.