”هن حڪومت کي مودي سرڪار ۽ ايان علي کانسواءِ ڪير نٿو مڃي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته هن حڪومت کي مودي سرڪار ۽ ايان علي کانسواءِ ڪير نٿو مڃي.
عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي فواد چوڌري چيو ته موجوده حڪومت مئي تائين به نه هلي سگهندي، يورپي يونين جي ڪنهن ملڪ هن حڪومت کي مبارڪباد ناهي ڏني.
هن چيو ته آصف زرداري کي خيبر پختونخواهه مان هڪ به ووٽ نه مليو، هن حڪومت کي مودي سرڪار ۽ ايان علي کانسواءِ ڪير نٿو مڃي.
سندس چوڻ هو مولانا فضل الرحمان لانگ مارچ جو فيصلو ڪيو ته حڪومت ختم ٿي ويندي ۽ حڪومت کي هٽائڻ ۾ خيبر پختونخواهه جو اهم ڪردار هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.