اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سينيٽ سيٽن لاءِ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف موجب سينيٽ ۾ پنجاب مان عورتن جي سيٽ تي صنم جاويد حصو وٺي رهي آهي، پنجاب مان جنرل سيٽ تي حامد خان، زلفي بخاري ۽ ياسمين راشد حصو وٺندي.
خيبر پختونخواهه مان عائشا بانو ۽ روبينا ناز عورتن جي سيٽ تي اميدوار آهن، جڏهن ته ڪي پي مان ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي اعظم سواتي ۽ ارشد حسين اميدوار آهن.
خيبر پختونخواهه مان جنرل سيٽ تي مراد سعيد، فيصل جاويد خان، مرزا محمد آفريدي، عرفان سليم ۽ خرم ذيشان اميدوار آهن.
You might also like