ناڻي واري وفاقي به سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي.
سينيٽ اليڪشن لاءِ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب به پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
ان کانسواءِ ن ليگ طرفان پرويز رشيد، مصطفيٰ رمدي ۽ احد چيما نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا جن ۾ سينيٽر پرويز رشيد جنرل سيٽ ۽ مصطفيٰ رمدي ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.
هوڏانهن پ پ طرفان فائزا ملڪ به سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.