ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ميئر مرتضيٰ وهاب نيو ڪراچي ۾ روڊ جي ڪم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته ترقياتي منصوبا تيزي سان مڪمل ڪيا ويندا.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته مرڪزي علائقن سان گڏ ڏورانهن علائقن جو انفرا اسٽڪچر به بهتر ڪنداسين، بنا ڪنهن فرق جي هر علائقي جي خدمت ڪنداسين
هن چيو ته ڪراچي جي ترقي پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهي، گيس ۽ لوڊشيڊنگ جي معالي تي ڳالهائيندس، ڪي ايم سي شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، سڀاڻي ڪورنگي وڃي اهڙي ئي اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر رکندس
مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي هن علائقي ۾ وڏو اسپورٽس گرائونڊ ٺاهيو ويندو، بلاول ڀٽو ڪراچي جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا، ايندڙ وقت ڪراچي لاءِ بهتر ثابت ٿيندو
ميئر ڪراچي چيو ته ڪالهه مڪاني کاتي جي وزير سان ملاقات ٿي، غيرقانوني بازارن کي هٽايو ويندو، غيرقانوني هائڊرنٽس خلاف ڪارروايون جاري رهنديون، گڏجي ڪم ڪنداسين ته شيون بهتر ٿينديون.
You might also like