پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل ۾ اختلاف، حامد رضا پول پڌرا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪائونسل ۾ اختلاف وڌڻ لڳا.
پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت هڪ ڏينهن اڳ نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ۾ سني اتحاد ڪائونسل سان اتحاد بابت بيان ڏيندي ان کي غلطي قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته عمران خان اسان کي شيراني گروپ سان اتحاد جي هدايت ڪئي هئي، جنهن تي ڪم به جاري هو پر اوچتو حامد رضا جي جماعت سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ لڳي.
شير افضل مروت اهو به چيو هو ته جيڪڏهن شيراني گروپ سان عمران خان جي هدايت موجب اتحاد ٿي وڃي ها ته چونڊ نشان ۽ مخصوص سيٽون هٿن مان نه وڃن ها.
پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ان بيان تي سني اتحاد ڪائونسل چيئرمين حامد رضا ڪاوڙجي پيو ۽ هن اڄ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ طرفان رٿيل اسلامو فوبيا ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي، توڙي جو کيس دعوت نامو موڪليو ويو ۽ هن کي خيالن جو اظهار به ڪرڻو هو.
هوڏانهن صاحبزادا حامد رضا ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جا دوست پنهنجا معاملا گهر ۾ ئي حل ڪن ته بهتر آهي، سني اتحاد ڪائونسل طرفان ڪا درخواست نه ڪئي وئي هئي، اتحاد جو فيصلو عمران خان پاڻ ڪيو هو.
هن چيو ته چونڊ نشان کان وٺي مخصوص سيٽن تائين مون وٽ ٻڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، جيڪڏهن بيان ڪيم ته ماڻهو منهن ڏيکارڻ لائق نه رهندا، منهنجي ڪمٽمينٽ عمران خان سان آهي ۽ سدائين رهندي، رڳو مشهوري لاءِ مان پي ٽي آءِ باني بابت ڪجهه بُرو سوچي ۽ ڪري نٿو سگهان، تنهن ڪري چُپ آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.