ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري غزا تي اسرائيلي جارحيت خلاف پيش ڪيل ٺهراءَ تي سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن طرفان ”نو نو“ جي نعرن تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پ پ ميمبر شازيا مري غزا جي حوالي سان ٺهراءُ پيش ڪيو.
اسپيڪر جي راءِ وٺڻ تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا سني اتحاد ڪائونسل ميمبر ٻه ڀيرا ”نو“ چئي ڇڏيو، جنهن تي اياز صادق حيران ٿي ويو ۽ پڇيو ته هي غزا جو ٺهراءُ آهي، ڇا توهان ان جي مخالفت ڪري رهيا آهيو؟
اسپيڪر رٿ ٻيهر ايوان سامهون رکي ته وري ڪنهن ”نو“ چيو، اسپيڪر چيو اسان نوٽ ڪري ورتو آهي ته ڪنهن نو چيو آهي.
جڏهن ٺهراءُ باضابطا طور منظوري لاءِ ايوان سامهون پيش ڪيو ويو ته وري ڪنهن نو جو چيو، جنهن تي اياز صادق چيو ته خدا جي واسطي هن ٺهراءَ کي ته گڏيل رهڻ ڏيو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي جي وڊيو تي تبصرو ڪندي لکيو ته ”شيم آن پي ٽي آءِ“.
You might also like