اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد کي صحافي اسد طور جي ضمانت جي درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق صحافي اسد طور جي ضمانت جي درخواست تي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت اسپيشل جج سينٽر کي اسد طور جي ضمانت جي درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪري فيصلو جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس عامر فاروق حڪم ڏنو ته ايف آءِ اي اختياريون به رڪارڊ سان گڏ سڀاڻي اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ پيش ٿين.
عدالت اسد طور جي ضمانت جي درخواست ٽرائل ڪورٽ کي هدايتن سان گڏ اڪلائي ڇڏي.
واضح رهي ته اسپيشل جج سينٽرل ضمانت جي درخواست کي سومر لاءِ فڪس ڪيو هو.
You might also like