لاهور(عوامي آواز نيوز) خيبرپختونخواھ جي وڏي وزير وفاقي حڪومت سان مھاڏو اٽڪائڻ بعد جھڪڻ ۾ دير ئي نھ ڪئي.علي /امين گنڊاپور اوچتو شھبازشريف سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪيئن راضي ٿي ويو.ھن کان اڳ ھن وزيراعظم جي حلف کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت نھ ڪئي ھئي ۽ چيو ھو تھ ھو کيس مڃڻ لاءِ تيار نھ آھي.چيو ٿو وڃي تھ ھڪ نوڪرشاھي جي اھم ماڻھو وچ ۾ پئي ڪري وزيراعظم شھبازشريف ۽ وڏي وزير گنڊاپور وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو.جنھن بعد وڏو وزير، وزيراعظم کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ آيو.ملاقات ايتري خوشگوار ٿيندي ان جو اندازو نھ ھو،پر ٻنھي ڄڻن ھڪ ٻئي سان کلي خوش ٿي ملاقات ڪئي.ان کان اڳ عمران خان سان ملاقات تي پابندي لڳڻ جي ڪري علي امين کي ھن وٽان ڪو پيغام بھ نھ ملي سگھيو.ان سان ھي ملاقات ٿي،جنھن ۾ ڪافي مثبت ڳالھيون ٿيون.جنھن ۾ ھن وفاق سان ھلڻ جي بھ ڳالھھ ڪئي.علي امين گنڊاپور سوڙھو ٿيڻ بعد مھاڏي اٽڪائڻ بجاءِ سرچاءَ جو رستو اختيار ڪيو.ڇاڪاڻ جو اليڪشن ڪميشن واري ڪيس سبب ھن جي نااھل ٿيڻ جو امڪان ھو، ان صورت ۾ ھو عھدو وڃائي پئي سگھيو،جنھن جو کيس ۽ پارٽي کي نقصان جو خطرو ھو.ان کانسواءِ سندس ويجھن ماڻھن بھ گنڊاپور کي سمجھايو تھ ھو پھريون ڀيرو وڏو وزير ٿيو آھي ۽ ٻيھر ان جو ڪو امڪان بھ ناھي ان ڪري گھڻي آڪڙ بھ نھ ڪر،جيتري حڪومت ھلي ٿي ان سان حل تھ اھو ئي بھتر آھي.جنھن بعد ھن اھو فيصلو ڪيو.صحافي طلعت حسين بي بي سي کي ٻڌايو ته علي امين لاءِ جيڪي رستا کليا آهن هو اهي بند نه ڪرڻ چاهيندو،ٽڪراءُ جي سياست سان هو صوبي جي مفادن جو تحفظ نه ڪري سگهندو،تجزئي نگار اسماعيل خان چيو ته علي امين جي سافٽ تون انتهائي حيران ڪندڙ آهي، صوبي جي مالي حالت سٺي ناهي، پگهارن،پينشن لاءِ پئسا ناهن، صوبي جي حالتن کي نظر ۾ رکندي علي امين لاءِ ڪو ٻيو رستو نه هو، هن سمجهداري جو مظاهرو ڪيو،هن چيو ته يقينين هن تي دٻاءُ هوندو ڇو ته اها تبديلي رات پيٽ ۾ نٿي اچي، صوبي لاءِ اهو سٺو سنئوڻ آهي،هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن ان ڳالهه جي منظوري نه ڏني ته پارٽي اندر اڳ ئي ڌڙابندي آهي ان سان علي امين لاءِ مشڪلات پيدا ٿي سگهي ٿي.ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ملاقات جي آجيان ڪئي آهي، هڪ بيان ۾ هن چيوته وزيراعظم ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي سٺي سهڻي شروعات آهي، هي ئي وقت آهي ته اسان پاڪستان کي پيش ايندڙ اختلاف ختم ڪرڻ جو سوچيون هن چيو ته مان پاڪستان کي پهرين ترجيح ڏيڻ جو حامي رهيو آهيان وقت اچي ويو آهي ته اسان ماڻهن کي اميد ڏياريون ته جمهوري عمل ڪم ڪري سگهي ٿو.
نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 15 مارچ 2023 تي شايع ٿي