اسلام آباد(عوام آواز نيوز)ناليوارو ليکڪ مزاح نگار انور مقصود نيٺ منظرعام تي اچي ويو آهي،هن پنهنجي وڊيو ۾ پاڪ فوج زنده باد جو نعرو به هينو آهي، انور مقصود چيو آهي ته مون وٽ نوڪيا 3310 جو پراڻو موبائل آهي، ڪو اينڊرائڊ موبائل سيٽ به ناهي، منهنجي نالي تي 42 سوشل ميڊيا اڪائونٽس هلي رهيا آهن،هن چيو ته پوليس ۽ ايف آءِ اي کي چيو آهي ته منهنجي نالي تي هلندڙ 42 سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪيا وڃن پر انهن انڪار ڪندي چيو آهي ته اهو اسان جي وس ۾ ناهي،انور مقصود کي ڪنهن به نه کنڀيو آهي، لڳي نٿو ته هن فوج جي حمايت ۾ نعرا دٻاءُ ۾ هنيا هوندا، هن جي گمشدگي ۽ تشدد جي حوالي سان پي ٽي آءِ پاران سوشل ميڊيا تي وڏي واويلا ڪئي وئي.
نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 15 مارچ 2023 تي شايع ٿي