اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو آهي ته اڌ دفاع واري بجيٽ سان سيڪيورٽي سنڀالي سگهجي ٿي، دفاع جو مڪمل بجيٽ جنگ لاءِ ناهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته نان ڪمبيٽ بجيٽ گهٽ ڪرڻ گهرجي، معيشت ويهي رهي ته توهان جنگ نٿا وڙهي سگهو، سيڪيورٽي پاڻ ئي ڪمپرومائز ٿي ويندي آهي، سيڪيورٽي تي سوديبازي نٿي ڪري سگهجي ٿي، انڊيا مان خطرو موجود آهي، اهي ڏسندا ته پاڪستان ڪمزور آهي ته ان ڳالهه مان فائدو کڻندا، ان ڪري سيڪيورٽي تي سمجهوتي جي ضرورت ناهي پر توهان نان ڪمبيٽ خرچن سان معيشت کي ڪمزور ڪري رهيا آهيو،هن چيو ته سنڌ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۾ ليڊر آهي، سنڌ ۾ ڪيترائي منصوبا ٿر ڪول هجي يا سنڌ اينگرو ڪارپوريشن،هاءِ ويز، موٽروي،اسڪولز ۽ / اسپتالون پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تي هلي رهيون آهن، پر اها به حقيقت آهي ته سمورا منصوبا پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تي نٿا وڃي سگهن،هن چيو ته آءِ ايم ايف کان بغير به معيشت صحيح ٿي سگهي ٿي.
نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 15 مارچ 2023 تي شايع ٿي