سئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪورين ڪمپني سام سنگ گيليڪسي ايس 24 سيريز لانچ ڪري ڇڏي جنهن جا مختلف فيچرز آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) سان ليس آهن.
سام سنگ جي نئين سيريز ۾ گيليڪسي ايس 24، گيليڪسي ايس 24 پلس ۽ گيليڪسي ايس 24 الٽرا شامل آهن.
انهن فونز ۾ عام موبائيل کانسواءِ مختلف اپ ڊيٽس ۽ فيچرز شامل آهن، جن ۾ ڊزائين ٽويڪس، اسڪرين جي سائيز ۾ تبديلي ۽ گيليڪسي ايس 24 الٽرا جي هيڊ لائين ڪيمرا ڪٽ فيچرز ۾ اهم تبديليون شامل آهن.
گيليڪسي ايس 24 جي تعارفي قيمت 799 ڊالرز، گيليڪسي ايس 24 پلس جي 999 ڊالرز جڏهن ته گيليڪسي ايس 24 الٽرا جي تعارفي قيمت 1 هزار 299 ڊالرز آهي.
ٽو وي ٽرانسليشن
ڪمپني موجب نون فونز ۾ ٽو وي ٽرانسليشن جو فيچر آهي جنهن جي ذريعي واهپيدار مختلف ٻولين ۾ لائيو فون ڪال کي انهيءَ وقت ترجمي سان گڏ ٻڌي سگھن ٿا، ان فيچر تحت فون 13 مختلف ٻولين کي ترجمو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
ترجمي جو اهو فيچر ان کان اڳ سام سنگ جي ڪنهن به فون ۾ موجود نه آهي ۽ ايس 24 ان فيچر وارو پهريون فون آهي.
ان کانسواءِ انهن فونز ۾ اي آءِ سان ليس ايڊٽنگ فيچر به موجود آهن.
سرڪل ٽو سرچ
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نئين سيريز ۾ سرڪل ٽو سرچ جو فيچر به موجود آهي، واهپيدار اسڪرين تي موجود تصوير جي ڪنهن به حصي کي سرڪل ڪري ان کي ڊائريڪٽ گوگل تي سرچ ڪري سگھندا.
Prev Post
You might also like