ظفر محمود ننڍن صوبن کي اهميت نٿو ڏئي: سسئي پليجو

ڪراچي(رپورٽر)پ پ اڳواڻ سينيٽر سسئي پليجو پاران ارسا چيئرمين جي مقرري کي  تضاد قرار ڏنو ويو آهي  ان حوالي سان سسئي پليجو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي  تھ ظفر محمود ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين تڪراري پاڻي ورڇ معاهدن جو حامي رهيو آهي، جنهن کي سنڌ ۽ ننڍن صوبن هميشه رد ڪيو آهي، ظفر محمود جهڙي شخص کي بار بار ارسا چيئرمين مقرر ڪرڻ مناسب ناهي، هن چيو تھ ظفر محمود 1991ع  جي پاڻي واري معاهدي کي به تسليم ناھي ڪيو ۽ سنڌ توڙي بلوچستان جي مسئلي کي اهميت بھ نه ڏني آھي، هن شخص جي مقرري سان پاڻي جي مسئلن ۾ اضافو ٿيندو ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ ٿيندي. سسئي پليجو چيو تھ سنڌ ۽ ٻين صوبن کي پاڻي بابت ٿيل نقصان جي شفاف ورڇ بابت هميشه تحفظات رهيا آهن، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي صورتحال غير منصفاڻي ورڇ جي تصوير آهي، ارسا چيئرمين جي اهم عهدي تي سڄي سال لاءِ فلڊ ڪينال کولڻ جي حق ۾ هڪ شخص کي رکڻ ننڍن صوبن سان زيادتي ٿيندي.ھن چيو تھ ظفر محمود جي مقرري بدران ڪنهن غير جانبدار پاڻي جي ماهر کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.