علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ڊجيٽل رسالي تهذيب جو افتتاح

کراچی (پ ر) علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي انتظام هيٺ ماهوار تهذيب جي ڊيجيٽل ورزن جي افتتاحي تقريب ٿي جنهن ۾ شريڪ ٿيلن ۾ گورننگ باڊي جو چيئرمين جاويد انوار، ڪنوينر اي آءِ ٽي انجنيئر محمد ارشد خان، پرنسپل اي آءِ ٽي شاهد جميل، ڪنوينر آءِ ٽي ڪاميٽي فرخ نظامي، ڪموڊور (ر) سليم صديقي، شجر علي هاشمي، مختار نقوي، حنيف خان، پروفيسر ڊاڪٽر وليج حيدر، ڊاڪٽر عماد الحق ۽ ٻيا شامل هئا. تقريب جي صدارت اي آءِ ٽي جي چيئرمين گورننگ باڊي جاويد انوار ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي گورننگ باڊي جي چيئرمين جاويد انوار چيو ته اخبارن ۽ رسالن جي صنعت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ڪري تبديلين کي منهن ڏئي رهي آهي. رسالن حاضر دور جي گهرجن موجب پنهنجي انداز کي تبديل ڪيو آهي ۽ هاڻي اهي آن لائن پليٽ فارمز ۽ موبائيل ايپليڪيشنز تي پنهنجو مواد پيش ڪري رهيا آهن.

هن آءِ ٽي ٽيم ۽ لاڳاپيل ماڻهن جي ڪوششن جي ساراهه ڪندي چيو ته ميگزين کي ڊجيٽل شڪل ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪرڻ يقينن هڪ اهم ۽ وڏو ڪم هو جنهن لاءِ سڀ ان مشن سان واڳيل هئا، اهو واکاڻ جوڳو آهي. هاڻي ڪنهن به وقت ماهوار تهذيب تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي، هن جو ڊجيٽل ورزن سڄي دنيا ۾ هر هنڌ موجود هوندو.

علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ڪنوينر انجنيئر محمد ارشد خان چيو ته ميگزين جي ڊجيٽلائزيشن هڪ نئون ماڊل پيش ڪري رهي آهي جنهن سبب پبلشنگ جي روايتي رجحانن ۾ انقلابي تبديليون اچي رهيون آهن.

اي آءِ ٽي جي پرنسپل شاهد جميل چيو ته اسان 2022 ۾ اهڙو فيصلو ڪيو هو جلد اي آءِ ٽي ۾ پيپر ليس ڪلچر هوندو.

آءِ ٽي ڪاميٽي جي ڪنوينر فرخ نظامي چيو ته هي ڊيجيٽلائزيشن جو دور آهي، هاڻي ڊيجيٽل ميگزين ۾ آڊيو وزول جي سهولت به شامل ٿي وئي آهي، اسان ڪتابن کي به ڊجيٽلائز ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون.

انتظام سنڀاليندڙ پروفيسر نوشابا صديقي ٻڌايو ته تهذيب جو پهريون شمارو ڊاڪٽر ابوالليث صديقي جي اڳواڻي ۾ اپريل 1983 ۾ ڇپيو و. هن رسالي جي جاري ٿيڻ جو مقصد معاشري جي ڀلائي ۽ تعليم کي هٿي ڏيڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.