اسٽار فٽبالر رونالڊو جي چاهيندڙن لاءِ بُري خبر

پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي ٽيم النصر ڪلب جو ايشين چيمپيئنز ليگ ۾ سفر تمام ٿي ويو، العين ڪلب پنالٽي شوٽ آئوٽ تي ڪاميابي حاصل ڪري سيمي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي آهي.
ڪوارٽر فائنل جي سيڪنڊ هاف ۾ العين ڪلب هڪ گول جي سرسي سان ميدان تي لٿي ۽ ميچ ۾ وڌيڪ ٻه گول اسڪور ڪري ورتا.
يعني العين کي النصر تي 3-0 جي سرسي ملي وئي پر رونالڊو جي ٽيم النصر شاندار واپسي ڪئي، ڪيئي يقيني چانسز وڃائڻ باوجود ٽي گول اسڪور ڪيا، رونالڊو ٽن گزن جي وٿي کان بال ڄار تائين نه پهچائي سگهيو.
مقرر وقت ۾ مقابلو 3-2 گول رهيو پر ايگريگيٽ تي ٽن، ٽن گول تان برابر ٿي ويو.
اضافي وقت ۾ ٻنهي ٽيمن وڌيڪ هڪ، هڪ گول اسڪور ڪيو ۽ فاتح ٽيم جو فيصلو پئنالٽي شوٽ آئوٽ تي ٿيو جنهن ۾ العين ڪلب هڪ جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.