همدرد فائونڊيشن طرفان مستحقن ۾ ڪمبل ورهايا ويا، مفت طبي ڪيمپس قائم

ڪراچي (ويب ڊ يسڪ) همدرد فائونڊيشن طرفان پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ مستحقن ۾ ڪمبل ورهايا ويا جڏهن ته طبي ڪيمپون به قائم ڪيون ويون.

همدرد فائونڊيشن جي صدر محترمه سعديه راشد جو چوڻ آهي ته اسان جو شروع کان مقصد ڏکويل انسانيت جي مدد ۽ خدمت ڪرڻ آهي.

هن چيو ته شهيد حڪيم محمد سعيد جي مشن کي اڳتي وڌائيندي همدرد فائونڊيشن مختلف شهرن ۾ ڪمبل ورهايا، راشن ورهائڻ ۽ مفت طبي ڪيمپس قائم ڪرڻ جو ڪم به ڪيو پيو وڃي.

ڊائريڪٽر ايڊمن همدرد فائونڊيشن محترم سيد محمد ارسلان جو چوڻ هو ته صدر محترمه سعديه راشد جي اڳواڻي ۾ اهو ڪم محنت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪيو پيو وڃي.

هن سال ڪوئيٽا ۾ 300، پشاور ۾ 250، لاهور ۾ 300، اوٿل، لسبيلا، حب ۾ 300، اندرون سنڌ ۾ 400، اسلام آباد/راولپنڊي ۾ 288، ڪراچي جي مختلف علائقن محمود آباد، هزاره ڪالوني، اعظم بستي، ڪچي آباد ۾ 150 ڪمبل ورهايا ويا.

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ لوڪ بجيرمٺي، ڳوٺ موکائي تعلقو ننگرپارڪر ڳوٺ لال خان لغاري ميرپور ۾ مفت طبي ڪيمپون پڻ لڳايون ويون، جتي 1500 مردن ۽ عورتن جو معائنو ڪيو ويو ۽ سمورن مريضن کي دوائون پڻ فراهم ڪيون ويون،

بلوچستان جي مختلف علائقن ويندر، ڊام، ڳوٺ غلام محمد ڳوٺ چاڪر ۾ 700 ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون ويون، جنهن ۾ همدرد فائونڊيشن جي ماهر ڊاڪٽرن انهن مريضن جو طبي معائنو ڪيو.

همدرد فائونڊيشن پاڪستان جي هن قدم کي مقامي آبادي ۽ انتظاميه طرفان تمام گهڻو ساراهيو ويو، همدرد فائونڊيشن پاڪستان جي ڪاميابي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، همدرد فائونڊيشن پاڪستان انسانيت جي خدمت جي جذبي سان انسانيت جي ڀلائي جو هڪ مثال آهي. مستقبل ۾ اهو ڪم جاري رهندو انشاءَ الله.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.