عمران خان جي زندگي کي خطرو آهي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته عمران خان سان ملاقات تي بندش مذمت جوڳو عمل آهي، پابندي کان اڳ سندس گهرڀاتين ۽ وڪلين کي آگاهه ڪرڻ گهرجي ها.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته عمران خان جي زندگي خطري ۾ آهي، هو عام قيدي نه آهي.
هن چيو ته عمران خان کي اهڙي قسم جي پابندين کان ڇوٽ هئڻ گهرجي.
هن مطالبو ڪندي چيو ته عمران خان سان اربع جي ڏينهن ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، ساڻس ملاقات کانپوءِ تحريڪ انصاف مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندي.
ان موقعي تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب الزام لڳائيندي چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون ان پابنديءَ جون ذميوار آهن.
هن چيو ته هو وڪلين سان گڏ عمران خان سان ملاقات لاءِ جيل پهتا پر کين ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.