ٺٽو/ملير/ڪراچي(نمائندا) ڪراچي لڳ سمنڊ ۾ ٻڏي ويل وڌيڪ 6 مهاڻن جا لاش ھٿ آيا آهن. تفصيل مطابق ڪراچي لڳ کليل سمنڊ ۾ ٻڏي ويل وڌيڪ 6 مهاڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو سراسري انگ 10تي پھتو آهي، جڏهن ته 4 مھاڻا اڃا تائين گم آهن. پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي مطابق 6 ڏينهن جي ڳولا کانپوءِ پاڪستان نيوي ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي اهلڪارن عربي سمنڊ ۾ ٻڏي ويل 14 مھاڻن مان 10 جا لاش هٿ ڪيا آهن. فوتين جا ايڌي ايمبولينس ذريعي لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪيا ويا، سڃاڻپ بعد مڙھ سندن وارثن حوالي ڪيا ويا آھن. پاڪستان نيوي ۽ پي ايم ايس اي جو گڏيل سرچ آپريشن باقي چئن ماهيگيرن جي ھٿ اچڻ تائين جاري رهندو.چئن لاشن کي گذريل ڏينهن ايڌي سرد خاني منتقل ڪيو ويو جتان سڃاڻپ بعد کين ابراهيم حيدري ۾ وارثن حوالي ڪيو ويو جن جي سڃاڻپ حسن، شڪور، ڪلام بنگالي ۽ هاشم طور ٿي آهي جن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کين سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ مختلف ماهيگير تنظيمن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر عاصم، سيد مهراڻ شاهه، جان عالم ڄاموٽ، سهيل ڄاموٽ سميت فوتي جي وارثن ۽ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي طرف ٻڏي ويل وڌيڪ ڇهن مهاڻن جا لاش پڻ هٿ ڪيا ويا آهن ان ڏس ۾ آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪ بحريا ۽ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي وڌيڪ ڇهن ماهيگيرن جي لاشن جي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جن کي ڪيٽي بندر کان ابراهيم حيدري منتقل ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ بحريا ۽ پي ايم ايس اي پاران جاري گڏيل ريسڪيو آپريشن باقي رهيل 4 ماهيگيرن جي ڳولا تائين جاري رهندي.