آءِ جي سنڌ بدامني تي ضابطو نه آڻڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي هٽائي ڇڏيو

لاڙڪاڻو (سٽي رپورٽر ) لاڙڪاڻي ۾ رڪارڊ بدامني ھڪ مھيني دوران 25 کان وڌيڪ ڏوھ ٿيڻ تي ايس ايس پي عبدالرحيم شيرازي کي ھٽايو ويو ڏوھن تي ضابطو  نه اچڻ ڪري شھرين 3 ڪروڙن جي رقم ۽ 40 موٽرسائيڪلون تان ھٿ کنيو شھر جي ڳتيل ۽ آبادي وارن محلن مان ڏوھاري آساني سان وارداتون ڪري ويا ٿاڻن تي نفري نه ھُجڻ ۽ پيٽرولنگ ٽيمن جي غفلت سبب ڏوھن تي روڪٿام نٿي سگھي ڦر مزاحمت تي شھرين کي گوليون ھڻي زخمي پڻ ڪيو ويو اتر سنڌ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ لاڙڪاڻو ٽاپ تي برقرار رهيو انتظاميا ڪو تحرڪ نه ورتو لکين آبادي وارو شھر لاڙڪاڻو ڏوھارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي ان ڏس ۾ سنڌ جي چوٿين نمبر ڪاروباري شھر لاڙڪاڻي کي بدامني جي باھ وڪوڙي وئي ڏوھن ۾ رڪارڊ واڌارو ٿيڻ سان گذريل ھڪ مھيني دوران 25 کان وڌيڪ ڏوھ ٿيڻ تي آءّ جي سنڌ پوليس رفعت مختار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي عبدالرحيم شيرازي کي ھٽائڻ جو آرڊر جاري ڪندي اضافي چارج شڪارپور جي ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران حوالي ڪري ڇڏي آھي اھڙي طرح لاڙڪاڻي جو نئون ايس ايس پي مقرر نٿي سگھيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.