ڪراچي ايئرپورٽ جي پارڪنگ فيس ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڪار پارڪنگ فيس ۾ تقريبن 8 سالن کانپوءِ 10 رپين جي واڌ ڪئي وئي.
سول ايوي ايشن ترجمان موجب في الحال جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڪار پارڪنگ جا معاملا انتظاميا پاڻ ڏسي رهي آهي.
ترجمان چيو ته پارڪنگ فيس ۾ سالياني واڌ نه پئي ڪئي وڃي، مهانگائي جي رجحانن جي ڀيٽ ۾ اها واڌ نه هجڻ برابر آهي.
ترجمان ٻڌايو ته آخري پارڪنگ ٺيڪو فيبروري 2024 ۾ ختم ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪار پارڪنگ جو ٺيڪو رواجي ٽينڊر پاليسي تحت جاري ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.