اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 19 رڪني وفاقي ڪابينا ايوان صدر ۾ حلف کڻي ورتو.
ايوان صدر ۾ حلف برداري تقريب ٿي، جنهن ۾ شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي.
پوءِ صدر آصف زرداري 19 رڪني وفاقي ڪابينا کان حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين اسيمبلي ميمبرن به شرڪت ڪئي.
ڪابينا ۾ خواجا آصف، احسن اقبال، راڻا تنوير، اعظم نذير تارڙ، ڄام ڪمال، اويس لغاري، عطاالله تارڙ، شزا فاطمه، قيصر شيخ، رياض پيرزادا، محمد اورنگزيب، خالد مقبول صديقي شامل آهن.
ان کانسواءِ امير مقام، احد چيما، احسن اقبال، اسحاق ڊار، چوڌري سالڪ، خالد مقبول صديقي ۽ محسن نقوي به حلف کنيو آهي.
13 قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻن سينيٽرن کي وفاقي ڪابينا جو حصو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته 3 اڻ چونڊيل شخصيتون به وفاقي ڪابينا جو حصو آهن.
اڻ چونڊيل شخصيتن ۾ محمد اورنگزيب، محسن نقوي ۽ احد چيما شامل آهن، مطلب انهن کي ڪابينا جو حصو رهڻ لاءِ ايندڙ 6 مهينن ۾ قومي اسيمبلي يا سينيٽ جو ميمبر چونڊجڻ لازمي آهي.
هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف اڄ ئي وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
Next Post
You might also like