ڪنيڪٽيڪٽ (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته منهن جي موهيڙن (acne) جي خاتمي لاءِ استعمال ٿيندڙ شين ۾ بينزين جو مقدار تمام گھڻو هجڻ سبب ڪينسر جو سبب بڻجي ٿو.
ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪا ۾ هڪ نجي ليبارٽري Valisure بينزائل پيرو آڪسائيڊ تي ٻڌل ڪيترين ئي شين جو تجزيو ڪيو جن ۾ بينزين جي اعليٰ سطح ڏٺي وئي.
بينزين ڪينسر پيدا ڪندڙ carcinogen آهي جيڪو ليوڪيميا ۽ رت جي ٻين مرضن سان سلهاڙيل آهي. اهو عام طور تي شين کي ڳارڻ جي طور تي استعمال ٿيندو آهي جيڪو سگريٽ جي دونهين، پيٽرول، کنئور، صفائي سٿرائيءَ جي شين ۽ رنگ لاهيندڙ ڪيميڪل ۾ هوندو آهي.
ليبارٽري نسخن تي يا سڌي ريت عام ملندڙ بينزوئل پيرو آڪسائيڊ شين جو مطالعو ڪيو ۽ ڄاتو ته اُهي بنيادي طور تي مستحڪم آهن ۽ وڌيڪ گرمي پد تي استعمال ڪرڻ يا ذخيرو ڪرڻ تي انهن مان بينزين خطرناڪ حد تائين مقدار خارج ٿئي ٿو.
Valisure ليب پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته بينزين اهڙين شين ۾ پاڻ پيدا ٿي سگھي ٿو ۽ امڪاني طور تي ڀرپاسي جي ماحول ۾ شامل ٿي سگھي ٿو.
ليب 175 شين جا تجزيه ڪيا جن مان 99 ۾ بينزول پيرو آڪسائيڊ هو جڏهن ته 94 شين ۾ بينزين جو مادو موجود هو. ليب فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن اهڙين شين کي مارڪيٽ مان واپس کڻڻ جي درخواست موڪلي ڇڏي آهي.
You might also like