جيتوڻيڪ ٿولهه ٻين ڪيترين ئي بيمارين ۽ طبي پيچيدگين جو سبب بڻجي ٿي پر تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته ان سان ڊپريشن وڌڻ جا امڪان به وڌن ٿا.
طبي رسالي پلوس ۾ ڇپيل تحقيق موجب ٿولهه جو ڊپريشن سان واسطو ڄاڻن لاءِ 1800 کان وڌيڪ ماڻهن تي تحقيق ڪئي.
ماهرن 46 کان 73 ورهين جي عمر جي مردن ۽ عورتن جون خدمتون حاصل ڪيون جيڪي ٿولهه جو شڪار هئا.
ماهرن سمورن ماڻهن جو قد، وزن ۽ جسماني بيهڪ جا ٽيسٽ ڪرڻ کان پوءِ انهن ۾ ڊپريسن جي سطح جاچڻ لاءِ هنن کان مختلف سوال ڪيا ۽ پوءِ سوالن جي بنياد تي نتيجا ڪڍيا.
ماهرن موجب گڏيل طور تي جسماني بيهڪ، قدم ۽ وزن جا نه رڳو ٻين طبي پيچيدگين پر ذهني صحت تي به اثر پوندا آهن.
ماهرن ڄاتو ته ٿولهه جو شڪار ماڻهن ۾ ڊپريشن جي سطح نمايان هئي، پر مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ ذهني پيچيدگين ۾ واڌ وٺي وئي.
ماهرن موجب نتيجن مان خبر پئي ته ٿولهه نه رڳو ڊپريشن وڌي ٿو پر ان سان ماڻهو پاڻ کي بيمار سمجهڻ لڳندا آهن، هو هر وقت پاڻ مان بيزار نظر ايندا آهن.
ماهرن ٻڌايو ته ٿولهه جو شڪار ماڻهن جي طرز زندگي ۽ سماج ۾ انهن بابت ملندڙ تصور به هنن ۾ ڊپريسن جي سطح وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ عورتن کي وڌيڪ صنفي فرق کي منهن ڏيڻ جي ڪري ذهني دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.
You might also like