وفاق دوست صدر جي موجودگي ۾ حڪومت مسئلا حل ڪري سگهندي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ تي آصف زرداري کي مبارڪباد ڏني آهي.
پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته ”پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻندڙ شخصيت جو صدر چونڊجڻ وفاق لاءِ سٺي خبر آهي، آصف زرداري پارليامينٽ ۽ وزيراعظم جي عهدي کي طاقتور بڻايو هو.
هن چيو ته آئين، جمهوريت ۽ وفاق دوست صدر جي موجودگي ۾ حڪومت مهانگائي مان ڇوٽڪاري، معاشي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهندي.
سندس چوڻ هو ته مان بلاول ڀٽو زرداري، بختاور، آصفه ۽ فريال ٽالپر کي به مبارڪون ڏيان ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.