ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه رمضان المبارڪ دوران سحري ۽ افطاري وقت لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ ۾ اگهه ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جي ميئر، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته صوبي ۾ رمضان المبارڪ دوران سحري ۽ افطاري وقت لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.
هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو بجلي جو نظام بهتر رکي.
You might also like