”خطرناڪ حادثي وقت ريل جو ڊرائيور موبائيل تي ڪرڪيٽ ڏسي رهيو هو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ آڪٽوبر ۾ هڪ ٽرين سگنل ڀڃي ٻي ٽرين سان ٽڪرائجي وئي هئي ۽ ان جو سبب اهو هو ته ڊرائيور فون تي ڪرڪيٽ ڏسي رهيو هو.

اهڙي انڪشاف ڀارت جي ريلوي واري وزير پاڻ ڪيو آهي.

ڀارتي رياست آنڌرا پرديش ۾ ٽرينن وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب 14 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا ان وقت مک ڊرائيور ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور به ڪرڪيٽ ڏسي رهيا هئا.

ڀارتي ۾ ئي هڪ 50 ٻوگين واري مال گاڏي کي بنا ڊرائيور جي موڪليو ويو هو جيڪا 70 ڪلوميٽر هلندي رهي هئي پوءِ ان کي پٽڙي تي رنڊڪون وجهي روڪيو ويو هو.

هاڻي ريلوي واري وزارت اهڙو سسٽم آڻي رهي آهي جنهن سان اهو يقيني بڻايو ويندو ته ڊرائيور موبائيل فون تي ڪجهه ڏسي ناهن رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.