اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو لازمي طور حل ٿيڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته بلوچستان ۾ هاڻ رواج تبديل ٿيڻ گهرجي، اتي مسنگ پرسنز جو وڏو مسئلو آهي، جيڪو هاڻ حل ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته 30، 40 سالن کان اقتدار ۾ ويٺل بلوچن کي هاڻ عوام جو به سوچڻ گهرجي، بلوچستان ۾ اها رسم به آهي ته اتي وڏن ماڻهن پنهنجون جيلون ٺاهيون آهن، انهن ۾ به ماڻهو قيد آهن.
Prev Post
You might also like