سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن جو سمگلنگ ۽ ڊرگ مافيا خلاف گڏيل قدمن تي اتفاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي سمگلنگ ۽ ڊرگ مافيا خلاف گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو.
ملاقات دوران سيد مراد علي شاهه، سرفراز بگٽي کي بنا مقابلي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.
مراد علي شاهه چيو ته پي ڊي ايم اي سنڌ گودار مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ 7 مشينون موڪليون آهن، پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ بلوچستان رابطي ۾ آهن، جيڪڏهن وڌيڪ مشينري جي ضرورت پئي ته موڪلي ويندي.
سرفراز بگٽي چيو ته گوادر ۾ پاڻي جي نيڪالي ۽ ٻيا بحالي قدم تيزيءَ سان جاري آهن.
ٻنهي وڏن وزيرن اتفاق ڪيو ته تمام جلد ٻنهي صوبن جي سرحدن تي قانون ٽوڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.