ڪراچي ۾ ٿڌ جي حوالي سان اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪوئيٽا جون ٿڌيون هوائون گهلڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
موسميات کاتي ارلي وارننگ سينٽر جي اڳڪٿي موجب هوائن جي رفتار 27 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ٿي رهي آهي، اڄ رات تائين هوائن جو زور ٽٽڻ جو امڪان آهي پر ٿڌ جي لهر برقرار رهندي.
ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ٿڌ جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي، ان دوران پارو 10 کان 8 ڊگري تائين ڪِرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.