نصيرآباد(رپورٽ:بشيراحمد بروهي) سورٺ لوھار ۽ سئسي لوھار کي سلام نصيرآباد جي قومي ڪارڪن ۽ استاد جي قتل جو ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي، شهيد استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي طرفان تيرهين ڏينھن به نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شھر توڙي ڀرپاسي واري علائقن جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، استادن، عورتن، ٻارڙن، سول سوسائٽي، شھرين ڀرپور شرڪت ڪئي جيڪي پنھنجي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندا آرٿر پل وٽ پھتا جتي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي جسٽس فار ھدايت الله لوھار ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سئسي لوھار، ڪميونسٽ پارٽي اڳواڻ امداد قاضي،پ ٽ الف اڳواڻ عبدالوهاب بروهي، علي گل ڪانڌڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد هدايت لوهار جا قاتل نامعلوم ناهن پر اهي اسان کي معلوم آهن جيڪڏهن شھيد پنھنجي ڌرتي پنھنجي قوم جي حقن جي ڳالھ ڪئي ته ان ۾ ڪھڙو ڏوھ ٿي پيو جنھن جي توهان ان کي ايڏي وڏي سزا ڏني هن ملڪ ۾ سنڌ ان ڪري شامل نه ٿي هئي ته توهان اسان کي تباھ ۽ برباد ڪيو، توهان پھرين اسان کان خودمختياري کسي پوءِ توهان اسان کان اسان جا وسيلا کسيا ۽ هاڻي اسان کان اسان جون زندگيون کسي رهيا آهيو، اوهان چاليھ جي قرارداد تان ڦري ويا آهيو ملڪ ٺاهڻ جي سزا نه ڏيو، هنن چيو ته شھيد استاد هدايت لوهار نه رڳو شاگردن پر اسان استادن کي به نصيحتون ڪندو هو ته هڪ استاد جي حيثيت سان هو اسان کي پنھنجيون ذميوارين کان باخبر ڪندو هو ان استاد جي قتل کي ٻه هفتا گذري چڪا آهن پر هن مھل تائين قاتلن جو ڪو پتو خرو ڪونھي جيڪو عمل انساني حقن جي لتاڙ نه پر ملڪي آئين ۽ قانون جي به لتاڙ آهي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.