امن امان جي بهتري پهرين ترجيح آهي، سڀ دوست صدر لاءِ آصف زرداري کي ووٽ ڏين: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نئين چونڊيل وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان نه اڳ ۾ ڏکيائين کان گهٻرايوسين، نه اڳتي گهٻرائينداسين.
ٽيون ڀيرو وڏو وزير بڻجڻ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ملڪ کي جيڪو ليڊر گهرجي اهو بلاول ڀٽو زرداري آهي، جسٽس (ر) مقبول باقر پنهنجي نگران ڪابينا سان گڏ اسيمبلي اجلاس ۾ موجود آهي، سندس ٿورائتو آهيان، جن مون کي ووٽ ڏنو، انهن جا به ٿورا مڃان ٿو.
هن چيو ته 5، 6 مهينن کان دهشتگردي جا وڏا واقعا ٿيا، تنهن ڪري امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ تي خاص ڌيان هوندو، اها اسان جي پهرين ذميواري آهي، ملڪي سلامتي ۽ استحڪام کي اڳ کان اول رکون ٿا، ڪچي جي ڌاڙيلن جو خاتمو پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي.
سندس چوڻ هو دوستن کي درخواست آهي ته آصف زرداري کي ووٽ ڏين، آصف زرداري آئين کي اصل صورت ۾ بحال ڪيو ۽ هو ايندڙ مهيني هڪ ڀيرو ٻيهر صدر جو حلف کڻندو، جڏهن ته ڪارڪردگي ڏيکاري ايندڙ چونڊن ۾ بلاول کي وزيراعظم بڻائينداسين.
مراد علي شاهه چيو ته غلطيون اسان سڀ ڪندا آهيون، تنقيد کان نٿا ڊڄون، تنقيد نه ڪنداسين ته سڌارا ڪيئن ايندا، اسان کان سوال ڪيو ويندو آهي ته پ پ ايتريون سيٽون ڪيئن کٽيون، مان چيو هو پ پ 90 کان 95 سيٽون حاصل ڪندي، منهنجي اڳڪٿي غلط ثابت ٿي ۽ 89 سيٽون حاصل ڪيون، هڪ ٻه سيٽن لاءِ ملڪي سلامتي سان نه کيڏنداسين.
هن چيو ته منهنجو سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو نه هو پر بينظير 2002 جون چونڊون وڙهڻ لاءِ راضي ڪيو، اڄ مون کي بينظير ڀٽو جي ياد اچي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.