گوگل جي اي ميل سروس ” جي ميل “ عالمي سطح تي مقبول ترين اي ميل ڪميونيڪيشن سروس طور ڄاتي ويندي آهي جنهن بابت ڪجهه ڏينهن کان افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته اِها آگسٽ 2024ع ۾ بند ٿي ويندي.
آفيس ملازمن، شاگردن ۽ مالياتي ادارن سميت لاءِ انٽرنيٽ هڪ بنيادي ضرورت آهي ۽ اي ميلز ڪيئي آفيشل ڪمن لاءِ ڪئي ويندي آهي جنهن لاءِ جي ميل جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
ويجهڙ ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ سامهون آئي هئي جنهن ۾ اي ميل جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو ويو جنهن جو عنوان ” Google is sunsetting Gmail “ هو جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدار سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا هئا ته ڇا واقعي جي ميل بند ٿي ويندي.
اسڪرين شاٽ ۾ گوگل طرفان لکيو ويو ته سموري دنيا ۾ لکين ماڻهن کي جوڙيندڙ، بنا ڪنهن رنڊڪ جي مواصلات کي فعال ڪرڻ ۽ اڻڳڻين رابطن کي هٿي ڏيڻ کانپوءِ جي ميل جو سفر ختم ٿي رهيو آهي، پهرين آگسٽ 2024ع کان جي ميل سروس باظابطا طور بند ٿي ويندي.
اِها پوسٽ سامهون اچڻ کانپوءِ وائرل ٿي وئي جنهن بعد واهپيدارن جي ذهن ۾ ڪيئي سوال اُٿڻ لڳا.
اهڙي قسم جي افواهن جي روڪٿام لاءِ نيٺ گوگل کي پنهنجي آفيشل جي ميل ايڪس اڪائونٽ تي ٽوئيٽ ڪرڻي پئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهڙي قسم جي خبرن ۾ سچائي ناهي ۽ جي ميل پنهنجي سروس بنا رنڊڪ جي جاري رکندو.