يوٽيليٽي اسٽورن تي شيون عام دڪانن کان به مهانگيون!

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) يوٽيليٽي اسٽورز تي اٽو، کنڊ ۽ چانور عام مارڪيٽ کان مهانگي اگهن تي وڪرو ٿيڻ لڳا.
دستاويزن موجب، يوٽيليٽي اسٽورز تي 20 ڪلو اٽي جي ٿيلي2840 رُپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته عام مارڪيٽ ۾ 20 ڪلو اٽو 2792 رپين ۾ ملي رهيو آهي.
سرڪاري دستاويزن موجب، سيلا چانور عام مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ يوٽيليٽي اسٽورز تي 53.40 رُپيا مهانگا آهن، عام مارڪيٽ ۾ سيلن چانورن جي في ڪلو قيمت 317 رُپيا آهي.
اڇا چڻا به عام مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ يوٽيليٽي اسٽورز تي 13.53 مهانگا وڪرو ٿي رهيا آهن، عام مارڪيٽ ۾ اڇن چڻن تي في ڪلو قيمت 391 رُپيا آهي جڏهن ته يوٽيليٽي اسٽورز تي اڇا چڻا 405 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن.
ان کانسواءِ يوٽيليٽي اسٽورز تي کنڊ به عام مارڪيٽ جي حساب سان نوَ رُپيا مهانگي ملي رهي آهي، يوٽيليٽي اسٽورز تي کنڊ جي في ڪلو قيمت 155 رُپيا آهي جيڪا مارڪيٽ ۾ 146 رُپيا في ڪلو جي حساب سان حاصل ڪري سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.