ڪيارا آڏواڻي فلم ”ڊان ٿري“ ۾ رنوير سان گڏ نظر ايندي

بالي ووڊ اداڪارا ڪيارا آڏواڻي فلم “ڊان ٿري” جو حصو ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. اداڪار پنهنجي سوشل ميڊيا ويبسائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي هڪ مختصر ڪلپ ۽ هڪ تحريري نوٽ سان اعلان ڪيو آهي.

واضح رهي ته 2021 جي گلم شير شاهه ۾ بهترين ڪردار ادا ڪندڙ ڪيارا آڏواڻي هدايتڪار۽ پروڊيوسر فرحان اختر جي فلم ڊان ٿري ۾ بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه سان گڏ نظر ايندي.

ان حوالي سان 31 سالن جي ڪيارا آڏواڻي جو چوڻ آهي ته هوءَ آئيڪونڪ ڊان فرنچائز ۽ شاندار ٽيم سان ڪم ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي ۽ چاهي ٿي ته کيس پيار ۽ مڪمل سپورٽ ملي ڇاڪاڻ ته اسان هن سفر ۾ گڏ آهيون.

ڪيارا آڏواڻي جي هن پوسٽ تي فرحان اختر جواب ۾ لکيو ته ڊان يونيورس ۾ ڪيارا آڏواڻي کي ڀليڪار ٿا ڪيون. واضح رهي ته فلم آگسث ۾ ريليز ٿيندي ۽ فلم جو مک ڪردار رنوير سنگهه ادا ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.