ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪندي هڪ دهشتگرد کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ دهشتگرد محمد سهيل مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هو، هو معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هو.
آءِ ايس پي آر موجب ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.