سعودي عرب جي جيلن ۾ هزارين پاڪستاني قيد هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ 23 هزار 456 پاڪستانين جي پرڏيهي ملڪن جي جيلن ۾ قيد هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جن مان سڀ کان وڌيڪ انگ سعودي عرب ۾ آهي.
پرڏيهي وزارت پرڏيهي ملڪن ۾ قيد پاڪستانين جا تفصيل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ ٻڏايو ويو آهي ته سعودي عرب ۾ 12 هزار 156، گڏيل عرب امارتن ۾ 5 هزار 292، عراق ۾ 519، بحرين ۾ 450 ۽ قطر ۾ 338 پاڪستاني قيد آهن.
پرڏيهي وزارت موجب 15 هزار 587 قيدي سزا يافتا آهن جڏهن ته 7 هزار 869 پاڪستاني قيدي انڊر ٽرائل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.