سامارو: پورھيت کي رشوت عيوض آزاد ڪرڻ تي اي ايس آءِ معطل

سامارو ( ويب ڊيسڪ ) سامارو پوليس پاران پورھيت کي رشوت عيوض آزاد ڪرڻ واري وڊيو بيان تي ايس ايس پي نوٽيس وٺندي اي ايس آءِ کي معطل ڪري ڇڏيو.
سامارو پوليس پاران پورھيت امرشي ڪولھي کي ٿاڻي تي بند ڪرڻ بعد کيس رشوت عيوض آزاد ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿي ويو.
ايس ايس پي عمرڪوٽ ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو وڊيو تي نوٽيس وٺندي الزام ھيٺ ساماري ٿاڻي جي اي ايس آءِ نورحسن بھراڻي کي معطل ڪري ڇڏيو .
ايس ايس پي عمرڪوٽ بنا دير جي عمرڪوٽ پوليس لائين رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو
ايس ايس پي عمرڪوٽ جو چوڻ آهي ته پوليس جو ڪم عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ آهي ، معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي، ٻيو جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.