ڀٽو ريفرنس: اصل سوال آهي ته طريقيڪار درست اختيار ڪيو ويو يا نه؟ عدالت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي خلاف صدارتي ريفرنس جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته اسان جو اصل ڌيان آئيني رخ ڏانهن آهي.
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ پهتو.
ٻڌڻي ۾ اڳوڻو جج اسد الله چمڪڻي به عدالتي مددگار طور پيش ٿيو،
ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته هو فوجداري قانون جو ماهر آهي ان ڪري کيس مرحلي ۾ ٻڌنداسين.
جڊيشل اسسٽنٽ صلاح الدين به عدالت ۾ پيش ٿيو، چيف جسٽس ساڻس ڳالهائيندي چيو ته صلاح الدين صاحب جيڪڏهن ناراض نه ٿيو ته مخدوم صاحب سينيئر آهي، پهرين کيس ٻڌنداسين.
تنهن بعد جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته اسان جو بنيادي ڌيان آئيني رخن تي آهي، مخدوم علي خان عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ تميز الدين خان ڪيس ۾ نظرثاني ڪئي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ان ڪيس ۾ اصل سوال اهو آهي ته عدالتي ڪارروائي ۾ طريقيڪار درست اختيار ڪيو ويو يا نه؟
چيف جسٽس پاڪستان چيو ته اسان جو ٻڌڻي جو اختيار واضح آهي، 2 ڀيرا نظرثاني نٿي ٿي سگهي، اسان هن ڪيس ۾ لڪير ڪيئن ڇڪي سگهون ٿا؟
هن دريافت ڪيو ته ڇا هن ڪيس ۾ تعصب جو سوال آهي يا غلط فيصلو ڪرڻ کي تسليم ڪرڻ آهي؟
عدالتي مددگار دليل ڏنا ته هڪ جج انٽرويو ۾ چيو ته مٿس دٻاءُ هو جنهن تي قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هن اهو ته نه چيو ته مان تعصب جو شڪار هيس، جيڪڏهن مان دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيس ته مون کي عدالتي بينچ کان ڌار ٿيڻ گهرجي، هڪ شخص چئي سگهي ٿو ته ڪو تعصب جو شڪار آهي پر ٿي سگهي ٿو ته ٻيو اها راءِ نه رکي.
مخدوم علي خان جسٽس نسيم حسن شاهه جي انٽرويو بابت دليل ڏيندي عدالت کي ٻڌايو ته تعصب کي ثابت ڪرڻ تقريبن نامڪن آهي.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسان جي سامهون اهو معاملو تعصب جو آهي يا اڳوڻي جج جي اعتراف جو؟ مخدوم علي خان جواب ڏنو ته جج جي انٽرويو جو حصو تعصب جو اعتراف هو.
قاضي فيض عيسيٰ چيو ته ان کي تعصب جو اعتراف چئبو يا غلطيءَ جو اعتراف؟ مخدوم علي خان چيو ته انٽرويو ۾ دٻاءُ جو ذڪر ڪيو ويو ته مٿس دٻاءُ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.