اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، شير افضل خلاف ڪارروائي ۽ هيسائڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ نه هيسائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثمن رفعت امتياز جي سربراهي ۾ شير افضل مروت جي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ ۽ هيسائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ شير افضل مروت عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران شير افضل مروت عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته هنن احتجاج ڪيو ۽ ريلي ڪڍي، جنهن بعد سندس گهر تي ڇاپو هنيو ويو، رات جو هڪ وڳي منهنجي گهر جو دروازو ٽوڙي هارايو ويو.
شير افضل مروت عدالت کي ٻڌايو ته کيس هڪ ايف آءِ آر جي خبر آهي جنهن ۾ ڪالهه ضمانت ٿي هئي، مخالفن خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا وڃن پيا، پوليس ۽ ايف آءِ اي کان ڪيسن جا تفصيل حاصل ڪيا وڃن.
جسٽس ثمن رفعت امتياز رمارڪس ڏنا ته پهريان نوٽيس ڏئي جواب طلب ڪن ٿا، جنهن تي شير افضل مروت استدعا ڪئي ته کيس ڪا اميد ناهي، بغير وارنٽ جي گهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ هيسائڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي شير افضل مروت خلاف داخل ڪيس بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ، کيس هراسان نه ڪرڻ ۽ ڪنهن به ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.