اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ اٺ فيبروري تي ٿيل عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر ڪرائڻ واري درخواست واپس ورتي وئي جڏهن ته چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته ڪيس هر صورت ۾ ٻڌنداسين، درخواستگذار کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
سپريم ڪورٽ ۾ عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جسٽس محمد علي مظاهر ۽ جسٽس مسرت هلالي به بئنج جو حصو آهن.
بريگيڊيئر رٽائرڊ علي خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ ۽ ملڪ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار علي خان ڪٿي آهي؟ جڏهن ته محمد علي مظاهر چيو ته درخواستگذار تي 13 فيبروري تي درخواست واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي.
عدالتي مددگار ٻڌايو ته درخواستگذار کان نوٽيس جي تعميل لاءِ فون ۽ ايڊريس تي رابطي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پهريان درخواست داخل ٿئي ٿي ۽ پوءِ درخواستگذار گم ٿي وڃي ٿو، ڇا رڳو مشهوري لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي؟ .
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪيئن به ڪري درخواستگذار کي پيش ڪيو، هي ڪيس هلائنداسين، درخواستگذار درخواست داخل ڪندي ئي پاڻ ميڊيا ڪري ڇڏي هئي جڏهن ته جسٽس مسرت هلالي چيو ته چونڊن بابت درخواست ٽيليويزن لاءِ داخل ٿي هئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسي ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي چيو ته ائين نه هلندو، عام طور ته درخواست داخل ٿيندي ئي ميڊيا تي جاري ناهي ٿي ويندي، درخواستگذار سان فون ذريعي رابطو ڪيو، اهڙي طرح سپريم ڪورٽ جو مذاق نٿو بڻائي سگهجي، ڪهڙي خبر درخواستگذار پاڻ درخواست داخل ڪئي به الائي نه، ڪهڙي خبر بعد ۾ درخواستگذار اچي چئي ته مون درخواست واپس ئي ناهي ورتي.
چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي لاڳاپيل ايس ايڇ او ذريعي درخواستگذار کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ئي درخواست گذار جي اچڻ تي ٿيندي.
ان کانپوءِ عدالت عام چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي 21 فيبروري تائين ملتوي ڪندي درخواستگذار بريگيڊيئر رٽائرڊ علي خان کي بچاءُ واري وزارت ذريعي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست واپس، چيف جسٽس جو درخواستگذار کي پيش ڪرڻ جو حڪم
You might also like