پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد ڊگهي عرصي کانپوءِ منظرِعام تي اچي ويو ۽ کيس عدالت مان ضمانت به ملي وئي آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان سينيٽر فيصل جاويد جي راهداري ضمانت لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت فيصل جاويد جي ضمانت هڪ لک رُپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي ۽ فيصل جاويد کي لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت مان ضمانت ملڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل جاويد چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ملي وئي آهي، سڀني تي ڏکيو وقت ايندو آهي، سڀني مظلومن جي گهر واپسي لاءِ دعاگو آهيان.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو سڀني کي انتظار آهي ۽ هو جلد قوم جي وچ ۾ هوندو.
You might also like