بابر اعظم وڏو رڪارڊ جوڙي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم پاڪستان سپر ليگ ۾ وڏو رڪارڊ ٺاهي ورتو.
رنز مشين بابر اعظم پي ايس ايل ۾ 3 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، هن آچر ڏينهن لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف شاندار اننگز کيڏندي اهو ڪارنامو انجام ڏنو.
بابر اعظم پي ايس ايل ۾ 3 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون بيٽر آهي، پشاور زلمي جي ڪپتان ڪوئيٽا خلاف 42 بالن تي 68 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 4 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.