تحريڪ انصاف جو يوٽرن، مجلس وحدت المسلمين بدران ٻي جماعت سان اتحاد جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف وفاق ۽ پنجاب ۾ مجلس وحدت المسلمين سان اتحاد جو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب پنجاب ۽ وفاق ۾ مجلس وحدت المسلمين بدران سني اتحاد ڪائونسل سان اتحاد ٿيندو، سني اتحاد ڪائونسل جي پليٽ فارم تي پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر شامل ٿيندا.
پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي قيادت مجلس وحدت المسلمين سان اتحاد تي خوش نه هئي، جڏهن ته سياسي قيادت طرفان مجلس وحدت المسلمين سان اتحاد جو فيصلو ڪيو ويو هو.
مجلس وحدت المسلمين سان اتحاد تي عمران خان به فيصلو ڏنو هو ۽ پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن اتفاق سان اڳتي وڌڻ جو اعلان ڪيو هو.
ان حوالي سان سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزادا حامد رضا چيو ته تحريڪ انصاف هاڻ اسان سان اتحاد ڪندي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ اتحاد لاءِ معاملا طئي ٿي چڪا آهن، وفاق، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ به اسان جون خدمتون حاضر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.