9 مئي واقعن ۾ اسان ملوث ناهيون، انڪوائري ٿيڻ گهرجي: علي امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي خيبر پختونخواهه لاءِ نامزد وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي گرفتاري سان ملڪ کي فائدو ٿو ٿئي ته مان تيار آهيان، 9 مئي واقعن ۾ اسان ملوث ناهيون، ان تي انڪوائري ٿيڻ گهرجي.
پشاور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسان صوبي جي حقن لاءِ ضرور ڳالهائينداسين، سڀني کي منهنجو ساٿ ڏيڻو پوندو، اسان خيرات نه پيا گهرون پر حق ضرور وٺنداسين، چُپ رهڻ سبب صوبي جو هي حال ٿيو آهي.
هن چيو ته 9 مئي واقعن ۾ اسان ملوث ناهيون، انڪوائري ٿيڻ گهرجي، ڪجهه پي ٽي آءِ جا سپورٽر ويا ته انهن کي ڇو نه روڪيو ويو؟
سندس چوڻ هو ته اسان کي اهي ڳالهيون ڇڏي هاڻ اڳتي وڌڻو آهي، جيڪڏهن منهنجي گرفتاري سان ملڪ کي فائدو ٿئي ٿو ته مان تيار آهيان، اسان کي ادارن جي اصلاح ڪرڻ گهرجي، اهڙا قانون آڻينداسين جو ڪير غير قانوني ڪم نه ڪري سگهي، اسان ڪا انتقامي ڪارروائي نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.