حڪومت ڪولڊ ڊرنڪس تي پابندي مڙهي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان صحت واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن اڻ وچندڙبيمارين جو سبب بڻجندڙ مٺن شربتن (ڪولڊ ڊرنڪس) تي استعمال تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ ٻين وزارتن کي ايڊوائزري به جاري ڪئي وئي آهي اُهي به انهن مٺن شربتن جي استعمال تي پابندي مڙهين.

پاڪستاني نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (PNHAA) ۽ ٻيون سماجي تنظيمن صحت واري وزير پاران کنيل قدمن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته ان سان بيمارين کي گھٽائڻ ۾ مدد ملي سگھندي.

پناهه جي سيڪريٽري جنرل ثناءُالله گھمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 3 هفتا اڳ پناهه جي ڀائيواري سان صحت واري وزارت ۾ ٿيل نيشنل ڊائلاگ ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر نديم جان واعدو ڪيو هو ته هو صحت واري وزارت ۾ هاڃيڪار مٺن شربتن جي استعمال تي مڪمل طور تي پابندي لڳائيندا ۽ ٻين وزارتن کي به ان بابت هدايتون جاري ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.