سن (ويب ڊيسڪ) سن ويجهو 12 ورهين جو نينگر لوڊر رڪشا مان ڪري فوت ٿي ويو .
ٻڍاپور ٿاڻي جي حد منظورآباد شهر کان ڪچي طرف ويندڙ لنڪ روڊ تي لوڊر رڪشا ۾ سوار 12 ورهين جو نينگر ملوڪ کوسو ڪري زخمي ٿي پيو .
نينگر کي وارث لمس اسپتال ڄامشورو پهچايو جتي زخمن جي سٽ نه سگهندي فوت ٿي ويو .
نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي سندس قهرام مچي ويو
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي لوڊر رڪشا جي ڊرائيور جي غفلت ۽ اوور اسپيڊ سبب نينگر ڪري فوت ٿيو آهي.