ڪوٽڏيجي: علي رضا حاجاڻو قتل ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار

ڪوٽڏيجي (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ معصوم نينگر علي رضا حاجاڻو جي قتل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو طرفان واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد اصل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 5 پوليس ٽيمون جوڙيون ويون هيون.

انفارميشن ٽيڪنالاجي، هيومن انٽيليجينس ۽ ٻين ذريعن سان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا.

پوليس ٽيم ڳجهو اطلاع ملڻ بعد ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار جوابدارن ۾ ڳوٺ علي بخش حاجاڻو جو رهواسي مداح حسين حاجاڻو ۽ ڳوٺ مست علي گوپانگ جو رهواسي ذڪاءُ الله گوپانگ شامل آهن، جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.