خانواهڻ (ويب ڊيسڪ) نوشهروفيروز ۽ لاڙڪاڻو پوليس هفتو اڳ مبينا طور اغوا ٿيل خانواهڻ واسي ٻن نينگرن کي بازياب ڪرائي ورتو.
لاڙڪاڻي ضلعي جَي رشيد وڳڻ ٿاڻي جِي حد ۾ ڪارروائي دوران ٻنهي مغوي نينگرن کي بازياب ڪرايو ويو.
تيرنهن ورهين جو شڪيل احمد سهتو ۽ چوڏنهن ورهين جو ياسر علي سهتو بازياب ٿيڻ تي وارثن ۾ خوشيءَ جِي لهر پکڙجي وئي.
پوليس ڪارروائي دوران ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري کين وڌيڪ پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.