نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) نوابشاھه ويجهو ڊاٽسن ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ۽ ھڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو.
دوڙ ڀرسان ڊاٽسن ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو موقعي تي فوت ۽ ھڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو.
حادثي بعد لاش ۽ زخمي کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ پھچي ڊاٽسن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
حادثي ۾ فوت ٿيل ۽ زخمي جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي.